مخدوم سعدالله صديقي

مخدوم سعدالله صديقي: مخدوم سعدالله صديقي سيوستاني ولد محمد حسن قاري عالم ۽ خطاطيءَ جو ماهر هو. مخدوم صاحب جا ٻيا چار ڀائر: مخدوم محمد عارف، مخدوم عبدالواسع، مخدوم محمد صالح صوفي، مخدوم محمد مراد به عالم هئا. هڪ ڀيري مير مراد علي خان ٽالپر سيوهڻ جي قاضي مخدوم محمد عارف کي لکيو ته حيدرآباد لاءِ ڪو ڄاڻو مفتي ۽ قاضي ڏياري موڪلي. هن مير صاحب ڏانهن پنهنجي ڀاءُ کي ’جامع العلوم سعدالله‘ جي تعارفي خط سان ڏياري موڪليو. مير صاحب کي اها عبارت پڙهي حيرت لڳي، ۽ هن سندس آزمائش لاءِ کانئس طب، نجوم، عربي ادب، فارسي شاعري، علم عروض ۽ ٻين علمن بابت سوال ڪيا ۽ هو سچ پچ ’جامع العلوم‘ نڪتو ۽ مير صاحب کيس جامع العلوم تسليم ڪندي کيس حيدرآباد جو قاضي مقرر ڪيو. قاضي صاحـب هـڪ بـي پـرواهـه بـزرگ هـو، ان ڪـري ميراڻي نوڪري پسند نه ڪندي، هڪ مهيني کانپوءِ قضا جو عهدو ڇڏي، مير ڄام خان وٽ ٽنڊي ڄام ۾ وڃي رهيو. ڄام صاحب، قاضيءَ جو پراڻو واقف ۽ معتقد هو. مخدوم صاحب حيدرآباد ۾ 13 صديءَ جي اڌ ڌاري وفات ڪئي.


لفظ مخدوم سعدالله صديقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو